جنگ جي سوال تي ڪميونسٽن جو موقف

پورھيت طبقي جو ڪو به وطن نه هوندو آهي. (ڪميونٽسٽ ميني فيسٽو)
اصل دشمن گهر ۾ ئي موجود آهي. (لينن / ڪارل لائيبنيخت)
جنگ، ٻين ذريعن سان سياست کي جاري رکڻ جو ئي هڪ روپ آهي. (ڪارل وان ڪلازویٽز)

صرف جنگ لفظ جو ذڪر ئي عام ماڻهوءَ کي خوف ۽ دهشت سان ڀري ڇڏي ٿو. هن لفظ سان هڪ اونھو الميو لازمي جڙيل آهي. هڪ اهڙو الميو جنهن ۾ چچريل لاش، انساني عضون جا ٽڪرا، بارود ۽ سڙندڙ گوشت جي بوءِ، تباھ ٿيل شهر ۽ برباد ٿيل زندگيون شامل هونديون آهن. بيشڪ جنگيون انتهائي خوفناڪ هونديون آهن، ۽ صنعتي دور ۾ جديد هٿيارن ۽ ان کان پوءِ ائٽمي هٿيارن جي اچڻ انهن کي اڃا بہ وڌيڪ دهشتناڪ بڻائي ڇڏيو آهي. ان جي باوجود، ان تاريخي حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي تہ سماجي طبقن جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي، تڪرار ۽ جنگ انساني سماج جو هڪ لازمي حصو رهيا آهن. وڌيڪ اهو ته، ڪميونسٽن جو چٽو موقف اهو آهي تہ انسانيت جو جنگ و جدل کان ڇوٽڪارو تيستائين ممڪن ئي ناهي جيستائين عالمي سطح تي هڪ اهڙو غير طبقاتي سماج قائم نہ ٿو ٿئي، جیڪو طبقاتي فرق جو خاتمو ڪري ۽ پيداواري ذريعن جي اجتماعي ملڪيت ۽ جمهوري ڪنٽرول تي ٻڌل هجي، جنهن جي نتيجي ۾ پيداوار وافر مقدار ۾ ممڪن ٿي سگهي. ٻين لفظن ۾، سوشلسٽ انقلابن ذريعي سرمائيداراڻي نظام جي عالمي سطح تي خاتمي کان سواءِ جنگ ۽ جدل کان ڇوٽڪاري جو سوچڻ ماسواء خام خيالي جي ڪجهہ بہ ڪونھي. جيتوڻيڪ جنگ جي مسئلي بابت هي عام مؤقف مڪمل طور تي درست آهي، پر اهو ان مسئلي جو مڪمل ۽ ٺوس جائزو پيش نٿو ڪري.

اهو ياد رکڻ گهرجي تہ جيتوڻيڪ ڪميونسٽ جنگ کي ناپسنديدہ سمجهن ٿا، پر اسان ڪنهن بہ صورت ۾ گانڌي واد نہ آهيون؛ ان ڪري، اسان ڪنهن تجريدي امن پسنديءَ جي بنياد تي ”اصولي طور“ هر جنگ جي مخالفت ڪرڻ جا پابند نہ آهيون. ڪنهن بہ جنگ بابت اختيار ڪيل موقف ۽ ان ۾ شامل ڌرين جي حمايت يا مخالفت ڪرڻ جو فيصلو ان ٽڪراءَ جي نوعيت ۽ خطي، عالمي پورھيت تحريڪ توڙي انقلابي جدوجهد تي ان جي اثرن تي ٻڌل هوندو آهي. ان ڪري، ڪنهن بہ جنگ بابت صحيح مارڪسي موقف جو تعين ڪرڻ لاءِ، ضروري آهي تہ پهرين جدلياتي ماديت جي طريقيڪار کي استعمال ڪندي ان جنگ جي ڪردار جو ٺوس تجزيو ڪيو وڃي. هي مضمون ان ڳالهہ جو جائزو وٺي ٿو تہ اهڙو تجزيو ڪيئن ڪيو وڃي، ان موضوع تي مارڪسي مفڪرن خاص طور تي لينن جي لکڻين مان ڪهڙا سبق حاصل ڪري سگهجن ٿا، ۽ جنگ جي مسئلي تي مارڪسي موقف جو تعين ڪرڻ وقت ٻين ڪهڙن عنصرن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي.

19هين صديءَ جي پروشين جنرل ۽ جنگی نظرئي دان، وان ڪلاز وٽز جيڪو هيگل جي جدلياتي طريقيڪار کان متاثر هو صحيح نموني اهو سمجهيائين تہ ڪا بہ جنگ اصل ۾ سياست جو ئي تسلسل هوندي آهي، جنهن کي ٻين يعني پر تشدد ذريعن وسيلي اڳتي وڌايو ويندو آهي. لينن پڻ پنهنجي لکڻين ۾ بار بار هن موقف کي ورجايو ۽ ان ڳالهہ تي زور ڏنو آهي مارڪسزم جو بنياد ئي جنگ جي نوعيت جو تعين ڪرڻ کان شروع ٿئي ٿو. ٻئي پاسي، لينن اهو بہ چوي ٿو تہ ”سياست مجتمع ٿیل معيشت ھوندي آهي“؛ ان ڪري، ڪلاز وٽز جي تجزيي کي هڪ قدم اڳتي وڌائيندي، هو جنگ جو تعلق نہ رڳو سياست سان، پر ان سياست جي بنياد ۾ موجود معاشي عنصرن سان پڻ جدلياتي انداز ۾ ڳنڍي ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو مارڪسزم لينن ازم جي نقطہ نظر کان، ڪنهن بہ جنگ جي نوعيت جو تعين ڪرڻ وقت اها بحث مباحثي جي ڳالهہ غير اهم ٿي پوي ٿي تہ پهرين گولي ڪنهن هلائي يا شروعاتي حملو ڪنهن ڪيو. ان جي ابتڙ، ان سياست ۽ پاليسين جي نوعيت کي سمجهڻ انتهائي اهم آهي جن ڪنهن خاص جنگ کي جنم ڏنو ھجي. انهن سياسي عملن ۽ پاليسين جي پويان ڪهڙا معاشي محرڪ ڪم ڪري رهيا آهن؟ پاليسي جوڙڻ جو اختيار ڪهڙن طبقن وٽ آهي، ۽ اها ڪهڙن ماڻهن تي سندن مرضيءَ کان سواءِ مڙهي وئي؟ ڪهڙي طبقي کي جنگ مان فائدو ٿئي ٿو ۽ ڪهڙو طبقو نقصان کڻي ٿو؟ متاثر ٿيل خطي ۽ عالمي سطح تي، استحصال ٿيل طبقن ۽ مظلوم عوام جي جدوجهد تي جنگ جا ڪهڙا اثر پون ٿا؟ صرف انهن سمورن عنصرن کي هڪ متحرڪ ۽ جدلياتياتي مجموعي طور ڏسڻ سان ئي اهو طئي ڪري سگهجي ٿو تہ ڪنهن خاص تاريخي دور ۾ ڪنهن مخصوص جنگ جو ڪردار ترقي پسند آهي يا رجعت پسند، ۽ ڇا ڪميونيسٽن کي ان جي حمايت ڪرڻ گهرجي يا مخالفت.

هتي هيگل سان لاڳاپيل ان اصول کي ياد رکڻ انتهائي اهم آهي جنهن کي لينن پڻ جدلياتياتي ماديت واري طريقيڪار جي عڪاسي طور اهميت ڏني هئي تہ ”سچ هميشہ ٺوس هوندو آهي“ ؛ تنهنڪري، ڪنهن بہ جنگ جي نوعيت جو صحيح اندازو لڳائڻ لاءِ، هڪ اهڙو ٺوس تجزيو ڪرڻ ضروري آهي جيڪو ان جي مخصوص تاريخي پس منظر کي نظر ۾ رکي. هر شيءِ تي وقت يا مڪان جي قيد کان آزاد، ڪو مبهم ليبل انڌاڌنڌ چنبڙائي ڇڏڻ شايد ’مين اسٽريم‘ (عام وهڪري واري) دانشوراڻن ٺڳن جو وهنوار تہ هجي ٿو، پر يقينن مارڪسوادين جو نہ.

پهرين عالمي جنگ ۽ لينن

لينن پاران جنگ جي مسئلي، ۽ خاص طور تي پهرين عالمي جنگ جي حوالي سان، جدلياتي طريقيڪار کي لاڳو ڪرڻ مان اسان کي گهڻو ڪجهہ سکڻ جي ضرورت آهي؛ هن ان طريقيڪار کي نہ رڳو پاڻ ۾ سمائي پنهنجو بڻايو هو پر ان کي وڌيڪ نکاريو ۽ بهتر پڻ بڻايو هو. ”سيڪنڊ انٽرنيشنل“ جي غدار، موقعي پرست ۽ خائن اڳواڻن جي بلڪل ابتڙ، لينن انتهائي وضاحت سان اهو بیان ڪيو تہ اها عالمي جنگ نہ تہ ڪو اوچتو پيش آيل حادثو هو ۽ نہ ئي وري ”وطن جي دفاع“ جو ڪو معاملو ھو؛ بلڪہ، اها سامراجي ڦرلٽ واري جنگ هئي. يعني عالمي وسيلن، منڊين، نوآبادين ۽ اثر رسوخ وارن علائقن جي نئين سر ورڇ لاءِ وڏين طاقتن وچ ۾ ڏهاڪن کان هلندڙ سامراجي رقابت مان جنم وٺندڙ عالمي سياست جو هڪ منطقي نتيجو آهي. ان کانسواءِ ، هي سياست بنيادي طور تي سامراجيت جي ظهور، يعني سرمائيداريءَ جي آخري مرحلي ساڻ جڙيل آهي؛ هڪ اهڙو خيال جنهن جي وضاحت هو ان موضوع تي پنهنجي شاندار لکڻيءَ ۾ هن ريت ڪري ٿو: ”سامراجيت سرمائيداري جي ارتقاءَ جو اهو مرحلو آهي جنهن ۾ اجاري دارين ۽ مالي سرمائي جو غلبو قائم ٿئي ٿو، سرمائي جي برآمد کي غير معمولي اهميت حاصل ٿئي ٿي، بين الاقوامي اجاري دارين جي وچ ۾ دنيا جي ورڇ شروع ٿئي ٿي، ۽ وڏين سرمائيدار طاقتن جي وچ ۾ دنيا جي سمورن خطن جي ورڇ مڪمل ٿي وڃي ٿي.“ جنگ جي هن سامراجي ۽ رجعت پسنداڻي نوعيت جي صحيح تشريح جي بنياد تي ئي لينن زور ڏنو تہ سڄي دنيا ۾ سوشلسٽ انقلابين ۽ مزدور طبقي کي نہ رڳو پنهنجي پوري طاقت سان هن جنگ جي مڪمل ۽ غير مبهم مخالفت ڪرڻ گهرجي، پر ان سامراجي قتلِ عام کان بچڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ سوشلسٽ انقلاب جي جدوجهد کي بہ تيز ڪرڻ گهرجي، جيتوڻيڪ ان لاءِ انقلابين کي خانہ جنگي جو خطرو ئي ڇو نہ کڻڻو پوي.

پهرين عالمي جنگ جي نوعيت بابت مارڪسي طريقيڪار تي ٻڌل هن وضاحت، ”سيڪنڊ انٽرنيشنل“ جي انهن سڀني ڀاڄوڪڙن ۽ غدارن جي منهن تي زوردار چماٽ هئي، جن اهو موقف اختيار ڪيو هو تہ پهرين عالمي جنگ هڪ ”قومي جنگ“ ۽ ”قومي دفاع“ جو معاملو آهي؛ هنن اهو موقف ان بنياد تي اختيار ڪيو هو تہ 18هين صديءَ جي آخر کان وٺي 19هين صديءَ جي وچ تائين بورجوازي (سرمائيدار طبقي) پاران بادشاهت، جاگيرداري ۽ مذهبي اشرافيہ خلاف وڙهيل ترقي پسند قومي جنگين جي مارڪس ۽ اينگلز حمايت ڪئي هئي. هن بهاني هيٺ، ۽ مزدور طبقي جي عالمي يڪجهتي سان غداري ڪندي، هنن پنهنجي ملڪن جي قومي سرمائيدار طبقي سان اتحاد قائم ڪيو ۽ پنهنجي رياستن جي جنگي ڪوششن جي مڪمل حمايت ڪئي. لينن وضاحت ڪئي تہ آمريڪا جي جنگِ آزادي ۽ فرانس جي انقلابي جنگين کان وٺي اٽليءَ جي قومي آزادي ۽ جرمنيءَ جي قومي اتحاد لاءِ ٿيل جدوجهد تائين اهي، سمورا تڪرار سرمائيداراڻہ جمهوري انقلابن جو نتيجو هئا ۽ انهن هڪ ترقي پسند تاريخي ڪردار ادا ڪيو؛ بلڪل ان ئي سبب ڪري مارڪس ۽ اينگلز انهن جي حمايت ڪئي هئي. ان جي ابتڙ، پهرين عالمي جنگ سامراجي دور جي سامراجي پاليسين ۽ سياست جو نتيجو آهي، هڪ اهڙو دور جنهن ۾ سرمائيداري ۽ قومي رياست پنهنجو تاريخي طور تي ترقي پسنداڻو ڪردار مڪمل طور تي وڃائي چڪا آهن ۽ پيداواري ذريعن جي وڌيڪ ترقيءَ جي راهہ ۾ رنڊڪ بڻجي چڪا آهن ۽ ان جو ارڙهين ۽ اڻويهين صديءَ جي قومي جنگين سان ڪو بہ مقابلو نٿو ڪري سگهجي. ان کان سواءِ، لينن اها وضاحت ڪئي تہ ترقي پسند قومي جنگين جي حمايت ڪرڻ باوجود، مارڪس ۽ اينگلز سرمائي ۽ محنت جي وچ ۾ موجود بنيادي تضاد کي اوليت ڏيندي، لاڳاپيل بورجوا طبقي کي مسلسل پرولتاري طبقي جي نقطہ نظر کان سخت تنقيد جو نشانو بڻايو؛ خاص طور تي تڏهن، جڏهن اهو طبقو پنهنجي طبقاتي مفادن جي حد بندين سبب پنهنجيون تاريخي ذميواريون سرانجام ڏيڻ ۾ نااھلي جو مظاهرو ڪندو هو.


لينن ”سيڪنڊ انٽرنيشنل“ جي انهن غدارن کي بہ ياد ڏياريو جن ”قومي دفاع“ جي نالي ۾ پنهنجي ملڪ جي سرمائيدار طبقي آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا هئا تہ ماضيءَ ۾ سرمائيدار طبقي پاران جوٽيل ترقي پسند قومي جنگين جي حمايت ڪرڻ باوجود، مارڪس ۽ اينگلز ڪڏهن بہ پورھيت طبقي کي اها هدايت نہ ڪئي هئي تہ هو اهڙين جنگين دوران پنهنجي آزاد تنظيم ۽ جدوجهد، سياسي ۽ نظرياتي پروگرام، سياسي سڃاڻپ يا نعري بازيءَ تي سمجهوتو ڪري پاڻ کي سرمائيدار طبقي جي تابع ڪري ڇڏي؛ بلڪہ، هنن سدائين اهڙين ڪاوشن خلاف سخت جدوجهد ڪئي هئي. ان ئي نموني، مارڪس ۽ اينگلز صورتحال جي صحيح تجزيي جي بنياد تي پنهنجو موقف تبديل ڪيو جيئن جيئن قومي جنگ جو بنيادي ڪردار تبديل ٿيندو ویو. مثال طور، 1870ع واري فرانس پرشيا جنگ جي شروعاتي مرحلن دوران، هنن پرشيا جي تنقيدي حمايت ڪئي ڇاڪاڻ تہ اها جرمن رياستن کي متحد ڪرڻ سان گڏوگڏ فرانسيسي بالادستي ۽ زار شاهي روس جي اثر کي ختم ڪرڻ لاءِ وڙهي رهي هئي جيڪو هڪ ترقي پسند قدم هو. تنهن هوندي بہ، جڏهن پرشيا فوجي ڪاميابيون حاصل ڪيون ۽ فرانسيسي علائقن تي پنهنجو قبضو ڪرڻ شروع ڪيو، تہ مارڪس ۽ اينگلز ان جي مخالفت ڪئي، ڇاڪاڻ تہ پرشيا جي جرمن قومي آزاديءَ واري جنگ هاڻي فتح ۽ قبضي واري جنگ ۾ تبديل ٿي چڪي هئي.

اھڙي ئي نموني، لينن واضح لفظن ۾ چيو تہ جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جا پورھيت سوشلسٽ انقلاب ذريعي اقتدار حاصل ڪن ٿا ۽ ان جي نتيجي ۾، ڀرپاسي واريون سرمائيدار رياستون توڙي علاقائي يا عالمي سامراجي قوتون ان انقلاب کي چيڀاٽڻ لاءِ پورھيتن جي ان نئين اُسرندڙ رياست مٿان جنگ مڙهن ٿيون تہ مقامي پورھيت ۽ ڪميونسٽ ان جو دفاع ڪرڻ لاءِ پوري لڳاءُ ۽ عزم سان وڙهندا؛ ڇاڪاڻ تہ اهڙي جنگ جو ڪردار ترقي پسنداڻو هوندو، جنهن کي نہ رڳو لاڳاپيل سماج جي پورھيتن، پر سڄي خطي ۽ دنيا جي پورھيت طبقي جي بہ حمايت حاصل ٿيندي. لينن اعلان ڪيو تہ جيڪڏهن سوشلسٽ انقلاب تي جنگ مڙهي وئي، تہ ڪميونسٽ ان جي دفاع لاءِ وڙهندا، ايستائين جو ان لاءِ کين سڄي دنيا جي بورجوا (سرمائيدار طبقي) سان هڪ ئي وقت جنگ ڇو نہ ڪرڻي پوي. لينن جي هن موقف کي عام طور تي انقلابي دفاع پسندي سان سڃاتو وڃي ٿو. ان کان پوءِ، جڏهن هڪ درجن کان وڌيڪ سامراجي ملڪن پورھيتن جي انقلاب کي چيڀاٽڻ جي ڪوشش ۾ سوويت روس تي حملو ڪيو، تہ بالشویڪن ۽ روسي پورھيت طبقي سرخ فوج جي صورت ۾ منظم ٿي يورپي ۽ عالمي پورھيت طبقي جي حمايت ماڻي هئي، انهن سامراجي قوتن کي زبردست شڪست ڏني.


قومن جو حقِ خوداراديت ۽ ٻيا پهلو


سيڪنڊ انٽرنيشنل سان لاڳاپيل ڪجهہ روسي ڀاڄوڪڙ عنصرن ”مظلوم قومن جي حقِ خوداراديت“ جو حوالو ڏئي پنهنجي غداريءَ تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي؛ انهن زور شور سان اهو دعويٰ ڪيو تہ آسٽرو- هنگيرين سلطنت خلاف (زار شاهي روس جي حمايت سان) سربيا جي جنگ هڪ حقيقي قومي جنگ آهي (انھي ئي معاملي پهرين عالمي جنگ کي ڀڙڪايو هو). پنهنجي موقف کي مضبوط ڪرڻ لاءِ، هو برطانوي سلطنت خلاف آمريڪا جي جنگِ آزاديءَ جو مثال ڏيندا هئا ۽ ان ٽڪراءَ دوران فرانس پاران آمريڪا کي مھيا ڪيل حمايت ۽ فوجي مدد جو ذڪر ڪندا هئا. تنهن هوندي بہ، لينن اها وضاحت ڪئي تہ ڪنهن بہ معاملي جي اصل روح يا بنيادي جوهر کي سمجهڻ لاءِ، ان کي مجموعي طور تي ڏسڻ گهرجي، نہ ڪي ان جي مختلف حصن جو الڳ الڳ ۽ تجريدي تجزيو ڪيو وڃي. لينن سربيا جي قومي مسئلي ۽ آسٽرو- هنگرين تسلط کان آزاديءَ لاءِ سربن جي خواهش کي تسليم ڪيو؛ تنهن هوندي بہ، سامراجي عالمي جنگ جي تناظر ۾ هن سموري مسئلي جو ڪردار بلڪل ثانوي نوعيت جو هو، ۽ اها سراسر بيوقوفي هئي تہ هن معمولي جُز کي جنگ جي مجموعي حيثيت تي حاوي ٿيڻ ڏنو وڃي، اها جنگ جنهن جو بنياد سامراجي لٽ مار ۽ قتلِ عام تي ٻڌل هو. ان جي ابتڙ، آمريڪا جي جنگِ آزادي دنيا جي سڀ کان طاقتور نوآبادياتي قوت يعني برطانوي سلطنت خلاف وڙهي وئي هئي ۽ ان ڪري اها پنهنجي مجموعي حيثيت ۽ بنيادي روح جي لحاظ کان هڪ ترقي پسند نوعيت جي حامل هئي؛ نتيجي طور، آمريڪي آزادي پسند قوتون (جيڪي ڪنهن بہ صورت ۾ فرانس جون ’پراڪسي‘ يا نمائيندہ قوتون نہ هيون) لاءِ فرانس جي حمايت جو معاملو رڳو هڪ ثانوي حيثيت اختيار ڪري وڃي ٿو. هن دليل کي اڳتي وڌائيندي، لينن اهو بہ چيو تہ سامراجي دور ۾ بہ حقيقي قومي جنگيون ممڪن رهنديون آهن. مثال طور، جيڪڏهن هندستان، چين ۽ ٻيا غلام يا نيم غلام ملڪ پنهنجي مٿان قابض سامراجي طاقتن خلاف آزاديءَ جون جنگيون وڙهن ۽ ڪميونسٽن جو اهو فرض آهي تہ اهي انهن جنگين ۾ قابض سامراجي طاقت خلاف وڙهندڙ قوتن جي حمايت ڪن پر ائين ڪرڻ وقت پورھيت طبقي جي طبقاتي مفادن ۽ جدوجهد تي ڪو بہ سمجهوتو نہ ڪيو وڃي، ۽ ان سان گڏوگڏ اهو بہ شرط هجي تہ اهي قومي جنگيون ڪنهن ٻي سامراجي طاقت پاران وڙهيل ”پراڪسي“ جنگيون نہ هجن.

جيڪڏهن اسان هن بحث کي موجودہ دور ۾ آڻيون ٿا، تہ اسان آڏو روس- يوڪرين جنگ جو معاملو سامهون اچي ٿو، جنهن ۾ يورپ ۽ آمريڪا جي ڪيترن ئي نام نهاد کاٻي ڌر وارن خود اراديت جي حق جي نالي تي يوڪرين جي حمايت ڪئي آهي. بهرحال، بنيادي طور تي اها جنگ شروع کان ئي آمريڪا ۽ نيٽو جي عالمي سامراج پاران روس جي اڀرندڙ علائقائي سامراج خلاف وڙهيل هڪ ”پراڪسي“ جنگ هئي، ۽ ان ۾ يوڪريني قوميت جو مسئلو بلڪل ثانوي حيثيت رکي ٿو. ان کانسواءِ، اسان ڪميونسٽن هن جنگ ۾ روسي سامراج جي ڪڏهن بہ ڪا بہ حمايت ناھي ڪئي؛ بلڪہ، اسان جي تنقيد بنيادي طور تي ۽ بجا طور تي آمريڪي سامراج ۽ نيٽو تي ٻڌل رهي آهي، ڇاڪاڻ جو آمريڪا نہ رڳو دنيا جي سڀ کان وڏي سامراجي طاقت آهي، پر هن سموري جنگ ۽ تباهي واري عمل جي بنياد رکڻ، ان جي شروعات ڪرڻ ۽ ان کي ڊگهو ڪرڻ ۾ بہ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي. اسان تي ان ڳالهہ تي پڻ تنقيد ڪئي وڃي ٿي تہ اسان هن جنگ ۾ آمريڪي سامراج ۽ نيٽو جي شڪست جا خواهشمند آهيون. اھا ڳالهہ بلڪل سچ آهي، پر ان جو سبب اهو ناهي تہ اسان کي روسي سامراج يا ان جي حڪمران طبقي سان ڪا همدردي آهي، يا اسان ڪنهن بہ صورت ۾ انهن جي حمايت ڪريون ٿا؛ بلڪہ ان جو ڪارڻ اهو آهي تہ آمريڪا ۽ نيٽو عالمي سطح جون سامراجي طاقتون آهن، جيڪي روس جي ڀيٽ ۾ تمام وڏيون ۽ وڌيڪ طاقتور آهن ۽ انهن جي فتح جا سموري خطي ۽ دنيا تي انتهائي رجعت پسنداڻہ اثر پوندا، جنهن سان علائقائي ۽ عالمي مزدور تحريڪن کي سخت ڌچڪو لڳندو. روسي سامراج جي فتح بلاشڪ خطي جي پورھيت طبقي جنهن ۾ روس ۽ يوڪرين جا پورھيت بہ شامل آهن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندي، پر جيئن تہ روس هڪ گهٽ طاقت رکندڙ علائقائي سامراجي طاقت آهي، ان ڪري ان نقصان جي وسعت ۽ شدت محدود هوندي.

انهن معاملن بابت هڪ مثال اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ تازي ٿيل هٿياربند ٽڪراءَ مان بہ وٺي سگهجي ٿو. بطور ڪميونسٽ، اسان هن فوجي ٽڪراءَ جو ذميوار واضح طور تي اسرائيل ۽ ان جي پٺڀرائي ڪندڙ آمريڪي توڙي يورپي سامراجي طاقتن کي قرار ڏنو؛ اسان بغير ڪنهن ابهام جي انهن جي مخالفت ڪئي ۽ سندن شڪست جا خواهشمند رهياسين. تنهن هوندي بہ، ان جو مطلب هرگز اهو ناهي تہ اسان ايران جي عوام دشمن مُلان اشرافيہ جي حمايت ڪريون ٿا؛ ڪجهه نام نهاد کاٻي ڌر وارن حلقن پاران اسان تي ڪيل تنقيد جي ابتڙ، اسان ڪڏهن بہ اهڙو موقف اختيار نہ ڪيو آهي. صورتحال بلڪل واضح آهي. اسرائيل وچ اوڀر ۾ سڀ کان وڌيڪ رت جي اڃايل سامراجي طاقت آهي، ۽ اهو ڏهاڪن کان دنيا جي اڳواڻ سامراجي طاقت، يعني آمريڪا جي مڪمل حمايت سان سڄي خطي ۾ سامراجي مداخلت ڪندو رهيو آهي. بلاشڪ، جيڪڏهن اسرائيل ۽ آمريڪا کي ايران سان ڪنهن بہ فوجي ٽڪراءُ ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پوي، تہ ان جا مزدور تحريڪ ۽ سامراج مخالف جدوجهد تي ھاڪاري اثر پوندا ٻنهي علائقائي ۽ عالمي سطح تي؛ جڏهن تہ، انهن سامراجي قوتن جي ڪاميابيءَ جو نتيجو بلڪل ان جي ابتڙ هوندو. اهو بلڪل ان ئي صورتحال جهڙو آهي جڏهن 1930ع واري ڏهاڪي ۾ فاشسٽ اطالوي سامراج ۽ ايٿوپيا جي وچ ۾ ٿيل جنگ دوران ٽراٽسڪي ايٿوپيا جي حمايت ڪئي هئي، جيتوڻيڪ ايٿوپيا جو بادشاهہ يقينن ڪو جمهوري حڪمران نہ هو. ٽراٽسڪيءَ اهو موقف ان ڪري اختيار ڪيو ڇاڪاڻ تہ هُو صحيح طور تي سمجهندو هو تہ جنگ ۾ اطالوي سامراج جي شڪست نہ رڳو فاشزم، پر مجموعي طور تي سامراج کي بہ زبردست ڌڪ هڻندي. ان ئي نموني، 1857ع ۾ هندستان جي جنگِ آزاديءَ دوران، ڪارل مارڪس باغي هندستاني سپاهين جي کليل حمايت ڪئي ھئي؛ هن انهن جي ڪجهہ انتهائي وحشياڻن عملن جو بہ دفاع ڪندي انهن کي ”برطانوي سامراج جي ظلمن جو ردعمل“ قرار ڏنو. اهو ڌيان ۾ رکڻ گهرجي تہ 1857ع جي جنگِ آزاديءَ ۾ شامل اڪثر هندستاني اڳواڻ ڪنهن بہ صورت ۾ ترقي پسند نه هئا؛ بلڪہ، اهي اڳوڻي حڪمران اشرافيہ سان تعلق رکندڙ رجعت پسند شخصيتون هيون. تنهن هوندي بہ، مارڪس ان ڳالهه کي چڱيءَ ريت سمجهندو هو تہ هندستاني عوام ۽ عالمي پورھيت طبقي جي مفادن جي حوالي سان اهو پهِلو ثانوي اهميت رکندڙ هو؛ اصل اهم ڳالهہ اها هئي تہ جنگ ۾ برطانيا جي شڪست دنيا جي سڀ کان وڏي سامراجي طاقت کي زبردست ڌڪ هڻي ها، جنهن جي نتيجي ۾ سڄي دنيا، بشمول خود برطانيا، ۾ انقلابي اثر پيدا ٿين ها. اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي تہ ان جو تعلق ان دور سان آهي جڏهن سرمائيداري پنهنجي ترقي پسند مرحلي ۾ هئي؛ ان پس منظر ۾ ۽ مارڪس جي لفظن ۾ برطانوي سامراج، جيتوڻيڪ پنهنجي مفادن جي تابع هو، پر تاريخ جي هڪ اڻ ڄاتل اوزار طور ڪم ڪري رهيو هو. تاريخي طور تي غير ڪارآمد ٿي ويل پيداواري طريقن کي ختم ڪري ۽ انهن مغلوب سماجن ۾ سرمائيداري متعارف ڪرائي، اهو تاريخي عمل کي اڳتي وڌائي رهيو هو. پر ڇا مٿي بيان ڪيل مثال جيئن ايران، ايٿوپيا ۽ ان جهڙا ٻيا ملڪ اهو ظاهر ڪن ٿا تہ رڳو ان ڪري جو اهي پسماندہ ملڪ ڪنهن وڏي سامراجي طاقت خلاف قومي دفاع جي جائز جنگ وڙهي رهيا آهن، تنهنڪري انهن جي پورھيت طبقي ۽ عوام کي پنهنجي ئي سرمائيدار طبقي يا حڪمران اشرافيہ جي پويان خاموشيءَ سان هلڻ گهرجي؟ آخرڪار، دليل اهو ڏنو ويندو آهي تہ جنگ دوران پنهنجي ئي حڪومت ۽ رياست خلاف انقلابي جدوجهد هلائڻ سان فوجي ڪارروائين ۾ خلل پئجي سگهي ٿو ۽ ان جي نتيجي ۾ شڪست ٿي سگهي ٿي. هي هڪ انتهائي اهم سوال آهي جنهن تي اسان بعد ۾ تفصيل سان بحث ڪنداسين، پر في الحال، اچو ته موجودہ بحث کي پڄاڻيءَ تائين پهچايون.


اصل دشمن گهر ۾ آهي!


پهرين عالمي جنگ دوران، سيڪنڊ انٽرنيشنل کي ڇڏي ويندڙن ۾ هڪ مسلسل رجحان اهو رهيو تہ، جيتوڻيڪ اهي سڀ دشمن سامراجي طاقتن جي تسلط هيٺ رهندڙ مظلوم قومن جي خود اراديت جي حق جا سخت حامي نظر ايندا هئا، پر جڏهن ”پنهنجي ئي“ سامراجي ملڪ جي نوآبادين جو ذڪر ايندو هو تہ اهي مڪمل طور تي خاموش ٿي ويندا هئا. لينن هن رجحان تي سخت تنقيد ڪئي ۽ انھن جي منافقت کي بي نقاب ڪيو. هن وضاحت ڪئي تہ پورھيت طبقي جو بنيادي ۽ سڀ کان وڏو دشمن ۽ خاص طور تي ڪنهن قبضو ڪندڙ ۽ سامراجي ملڪ جي پورھيت طبقي جو دشمن ان جي پنهنجي ملڪ جو بورجوا طبقو ۽ قومي رياست آهي؛ ان ڪري، ڪنهن بہ ملڪ جي پورھيت طبقي ۽ ڪميونيسٽن جو سڀ کان پهريون فرض اهو آهي تہ اُهي پنهنجي ملڪ جي بورجوا طبقي ۽ رياست خلاف جدوجهد ڪن. ۽ پورھيت طبقو ان وقت تائين هن جدوجهد کي اڳتي نہ ٿو وڌائي سگهي جيستائين اهو پنهنجي ئي بورجوا (سرمائيدار طبقي) ۽ قومي رياست جي سياسي اثر کان پاڻ کي آزاد نہ ٿو ڪري؛ ان لاءِ ضروري آهي تہ، سڄي دنيا جي مظلوم قومن جي حقِ خوداراديت جي حمايت ڪرڻ سان گڏوگڏ، اهو سڀ کان پهرين ۽ انتهائي شدت سان ’پنهنجي ئي‘ بورجوا طبقي پاران ڪيل قومي جبر جي مخالفت ڪري ۽ ’پنهنجي ئي‘ بورجوا رياست جي تسلط هيٺ موجود مظلوم قومن جي حقِ خوداراديت جي حمايت ڪري. بهرحال، اهو ياد رکڻ گهرجي تہ لينن ساڳئي وقت مظلوم قومن جي مزدور طبقي ۽ ڪميونسٽن تي اها ذميواري وڌي تہ اهي طبقاتي ۽ قومي آزاديءَ جي مفاد ۾ پنهنجي ئي قومي بورجوازي جي تنگ نظر قومپرستيءَ کي رد ڪن ۽ سمورين قومن جي پورھيت عوام سان طبقاتي اتحاد قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏين. جيڪڏهن اسان ان سلسلي ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي موجودہ مثال تي غور ڪريون، تہ پهريان اها ڳالهہ واضح ڪرڻ ضروري آهي تہ قطع نظر ان جي تہ ”پهرين گولي“ ڪنهن هلائي سرمائيداراڻي نظام جي دائري اندر انهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڪا بہ جنگ لازمي طور تي هڪ رجعتي جنگ هوندي؛ ان جو سبب اهو آهي تہ ان جون پاڙون ننڍي کنڊ جي ان رجعتي مذهبي ورڇ ۾ آهن، جيڪا 1947ع ۾ سامراجي سرپرستيءَ هيٺ عمل ۾ آئي هئي ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ رجعتي دشمني ۾ آهن. تنهنڪري، اهڙي صورتحال ۾، ٻنهي ملڪن جي ڪميونسٽن جو بنيادي فرض اهو آهي تہ هو هن جنگ جي واضح مخالفت ڪن ۽ ساڳئي وقت پنهنجي پنهنجي ملڪ جي سرمائيدار طبقي ۽ رياست خلاف سوشلسٽ انقلاب لاءِ جدوجهد کي تيز ڪن. ساڳيءَ ريت، پاڪستان ۾ رهندڙ اهو ڪميونسٽ، جيڪو هندستان جي قبضي هيٺ آيل ڪشمير لاءِ حقِ خوداراديت جي تہ حمايت ڪري ٿو پر پاڪستان جي انتظام هيٺ آيل ڪشمير ۽ بلوچ قوم جي حقِ خوداراديت جي مسئلي تي خاموش رهي ٿو، سو صرف هڪ منافق آهي، ڪميوسٽ نہ. اهو ئي اصول هندستان ۾ رهندڙ ڪنهن به ڪميونسٽ تي پڻ لاڳو ٿئي ٿو. ان ئي نموني، ٻنهي پاسن کان مظلوم قومن سان تعلق رکندڙ ڪميونسٽن لاءِ لازمي آهي تہ اُهي سرمائيداراڻي قومپرستيءَ کي رد ڪن ۽ هر ان قومي تعصب جي مخالفت ڪن جيڪو پورھيت طبقي جي طبقاتي اتحاد ۾ رنڊڪ بڻجي ٿو. اهي قومن جي حقِ خوداراديت بابت ڪميونيسٽ موقف جا اهم پهلو آهن. اهڙا اصول جن جو اطلاق جنگي حالتن ۾ بہ ٿئي ٿو.


لينن ۽ انقلابي شڪست پسندي

لينن پنهنجي انقلابي ۽ سياسي زندگيءَ دوران جيڪي موقف اختيار ڪيا جن تائين هو مختلف مسئلن تي مارڪسي طريقيڪار لاڳو ڪري ۽ ضروري نتيجا اخذ ڪري پهتو هو انهن مان انقلابي شڪست پسندي شايد سڀ کان وڌيڪ تڪراري آهي. ان جو سبب هن تصور جي صحيح جدلياتي سمجهہ جو فقدان آهي. لينن پهرين عالمي جنگ جي شروعاتي سالن دوران هيءُ موقف اختيار ڪيو؛ ان جو بنيادي مقصد نظرياتي بحثن ذريعي بالشويڪ ڪيڊرز کي ان نام نهاد حب الوطني ۽ جنگي جنون واري قومپرستيءَ جي وِير کان بچائڻ هو، جيڪا جنگ جي شروعات ۾ اڀري هئي. اهو خاص طور تي ان وقت ٿيو جڏهن سيڪنڊ انٽرنيشنل جي اڪثر اڳواڻن پاران پورھيت طبقي جي عالمي يڪجهتي سان ڪيل سخت غداري، روس توڙي سڄي يورپ ۾ انقلابين جي وچ ۾ سخت مونجهاري ۽ مايوسي کي جنم ڏنو هو. اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي تہ هي موقف مڪمل طور تي صحيح هو، تنهن هوندي بہ، اهو روسي پورھيت عوام جي بدران بالشويڪ ڪيڊرن ڏانهن مخاطب هو، ۽ نہ ئي لينن ڪڏهن ان ڳالهہ جي حمايت ڪئي تہ هن موقف کي عملي انقلابي سياست تي لفظ بہ لفظ لاڳو ڪيو وڃي جيتوڻيڪ ڪجهہ بالشويڪ ڪيڊرن مقامي سطح تي اها غلطي ڪئي هئي، جنهن جو خميازو کين 1917ع جي انقلاب دوران ڀوڳڻو پيو، جڏهن بورجوا عبوري حڪومت بار بار بالشويڪن تي ”جرمن ايجنٽ“ هجڻ جا الزام لڳايا. پر آخر هي موقف آهي ڇا؟

سادن لفظن ۾، ڪنهن بہ رجعتي جنگ دوران ”پنهنجي“ حڪومت ۽ رياست جي ناڪاميءَ کي سوشلسٽ انقلاب جي جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ جي مقصد سان گهٽ نقصانڪار سمجهڻ واري نظريي کي انقلابي شڪست پسندي چيو ويندو آهي. جنگي محاذ تي ڪاميابي يقيني طور تي سرمائيدار طبقي ۽ رياست جا حوصلا بلند ڪري ٿي، انهن جي سياسي ۽ اخلاقي ساک کي وڌائي ٿي (جيتوڻيڪ عارضي طور تي ئي سهي)، ۽ ننڍي سرمائيدار طبقي توڙي ”تعليم يافتہ“ وچولي طبقي يعني اهڙن گروهن جيڪي نام نهاد حب الوطنيءَ کان آسانيءَ سان متاثر ٿي ويندا آهن جي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي، هي سڀ شيون حڪمران طبقي کي ان قابل بڻائين ٿيون تہ هو پورھيت طبقي تي وڌيڪ ظلم ڪري سگهي ۽ سماج تي پنهنجي مجموعي گرفت مضبوط ڪري سگهي. بهرحال، جيڪڏهن سرمائيداراڻي حڪومت ۽ رياست کي جنگي محاذ تي شڪست جو منهن ڏسڻو پوي ٿو، تہ اهو انهن جا حوصلا ٽوڙي ڇڏي ٿو؛ انهن جي ڪمزوري نہ رڳو پورھيت طبقي، بلڪہ ننڍي بورجوا ۽ وچين طبقن تي بہ بلڪل واضح ٿي پوي ٿي، ۽ سماج مٿان انهن جو سياسي ۽ اخلاقي اختيار ڪمزور ٿي وڃي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ پورھيت عوام پنهنجي جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ ۾ وڌيڪ باهمت ۽ بي خوف ٿي پوي ٿو. جيتوڻيڪ هي موقف هڪ رجعتي جنگ دوران پورھيت طبقي جي طبقاتي مفادن بابت نظرياتي مونجهارن کي ڏور ڪرڻ لاءِ پڪ ساڻ انتهائي اثرائتو آهي، پر ان کي عملي انقلابي سياست لاءِ لفظ بہ لفظ هڪ نعري طور اختيار نٿو ڪري سگهجي، ان جو ڪارڻ اهو آهي تہ عملي جدوجهد اهڙا موقف ۽ نعرا جوڙڻ جي تقاضا ڪري ٿي جيڪي پورھيت طبقي ۽ عوام ۾ موجود شعور جي سطح جو صحيح اندازو لڳائڻ سان گڏ (جيڪو اڪثر ڪري جنگ جي شروعاتي مرحلن ۾ غالب قومي تعصب وارن لاڙن کان ڪجهہ حد تائين متاثر هوندو آهي) وضاحت ذريعي ان شعور کي صبر سان آھستي آھستي اڳتي وڌائين. جيڪڏهن ائين نہ ڪيو وڃي ۽ عوامي شعور کان تمام گهڻو اڳتي وڌي وڃڻ جي صورت ۾ اهو خطرو پيدا ٿئي ٿو تہ پورھيت عوام توهان کي سمجهي نہ سگهندو، توهان انهن کان ڪٽجي ويندا، جنهن سان رياست لاءِ اهو آسان ٿي پوندو تہ هوءَ توهان تي ’غدار‘ جو ليبل هڻي توهان کي چيڀاٽي ڇڏي. جيتوڻيڪ، اها هڪ الڳ ڳالهہ آهي تہ جڏهن پورھيت طبقي جي انقلاب يا تحريڪ کي دٻائڻ جي ضرورت پوندي آهي، تہ سرمائيدار طبقا ۽ مخالف ملڪن جون رياستون پنهنجي نام نهاد دشمنيءَ کي پاسي تي رکي متحد ٿي وينديون آهن، ۽ ان مقصد لاءِ ’وطن جي دفاع‘ جهڙي معاملي تي سمجهوتو ڪرڻ ۾ بہ ذرو برابر هٻڪ محسوس نہ ڪنديون آهن. مثال طور، 1871ع ۾ فرانس جي بورجوا رياست کي پيرس ڪميون خلاف پنهنجي فوجي مهم ۾ پروشيا جي مڪمل حمايت حاصل هئي، جيتوڻيڪ ان کان ڪجھہ مهينا اڳ ئي فرانس ۽ پروشيا هڪ ٻئي سان جنگ ۾ هئا. اهڙيءَ ريت، 1917ع جي روسي انقلاب کانپوءِ ٿيندڙ گهرو ويڙهہ دوران، اڳوڻي زار شاهي نظام جي ”حب الوطنيءَ جي دعويدار“ جنرلن ۽ انهن جي رجعت پسند ”وائيٽ گارڊز“ فعال طور تي انهن درجن کان وڌيڪ سامراجي فوجن جي مدد ڪئي جيڪي پورھيتن جي نئين اُسرندڙ انقلاب کي چيڀاٽڻ لاءِ روس تي حملو ڪري رهيون هيون، حقيقت ۾، تاريخي ثبوت اهو بہ ظاهر ڪن ٿا تہ آڪٽوبر انقلاب کان اڳ، زار شاهي جنرلن مخالف جرمن جنرل اسٽاف کي روسي علائقي ۾ اڳتي وڌڻ جي آڇ ڪئي هئي، جنهن جو مقصد انقلاب کي رت جي نديءَ ۾ ٻوڙي ختم ڪرڻ هو.


هن بحث کي گڏ ڪندي اهو سوال اسري اچي ٿو تہ: عملي انقلابي جدوجهد ۾ انقلابي شڪست پسندي جو اطلاق ڪهڙي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو؟ عملي جدوجهد ۾ هن موقف کي اپنائڻ جو مطلب اهو آهي تہ ڪميونسٽن کي ڪنهن رجعتي جنگ ۾ ”پنهنجي“ حڪومت ۽ رياست جي شڪست جي امڪان جي پرواهہ ڪرڻ کانسواءِ سوشلسٽ انقلاب لاءِ جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ گهرجي ۽ رياست جي جنگي ڪوششن ۾ پيدا ٿيندڙ ڪنهن بہ رنڊڪ جي پرواهہ ڪرڻ کان بنھہ، ممڪن حد تائين مڪمل طور تي انقلابي جدوجهد جاري رکڻ گهرجي. صورتحال جي مخصوص تقاضائن مطابق، هي جدوجهد ڪنهن بہ قسم جو روپ ڌاري سگهي ٿي، جنهن ۾ اُجرتن ۾ واڌ، عوام لاءِ ٽيڪس ۾ گهٽتائي، ڪم جي ڪلاڪن ۾ گهٽتائي، يونين جي سرگرمين جي آزادي، جنگ مخالف مظاهرن، ۽ عوامي مليشيا توڙي دفاعي ڪميٽين جي قيام جهڙين مطالبن (ان سان گڏ ٻين ترقي پسند سياسي ۽ جمهوري مطالبن) تي ٻڌل احتجاجن ۽ هڙتالن کان وٺي، ملڪي سطح تي مڪمل عام هڙتال ۽ پورھيت طبقي پاران اقتدار تي قبضو ڪرڻ جي مقصد واري هٿياربند بغاوت تائين جا مرحلا شامل ٿي سگهن ٿا. بهرحال، اهم ڳالهہ اها آهي تہ جيتوڻيڪ اهي سموريون سرگرميون گهٽ يا وڌ حد تائين لازمي طور تي حڪومت ۽ رياست جي جنگي ڪوششن ۾ خلل وجهنديون ۽ انهن جي ناڪاميءَ ۽ نامراديءَ جو امڪان وڌائينديون، تڏهن بہ ڪميونسٽن کي گهرجي تہ اهي ڪنهن بہ نالي ماتر سماجي دٻاءَ اڳيان جهڪڻ يا ڪنهن بہ قسم جي هٻڪ ڏيکارڻ کانسواءِ انقلابي جدوجهد جاري رکن. تنهن هوندي بہ، ڪميونسٽ ائين صرف تڏهن ئي ڪري سگهن ٿا جڏهن اهي نظرياتي بنيادن تي اها ڳالهہ سمجهن تہ ڪنهن رجعت پسند جنگ ۾ پنهنجي بورجوا طبقي، حڪومت ۽ رياست جي شڪست اصل ۾ سوشلسٽ انقلاب جي جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ (۽ نتيجي طور، هڪ حقيقي جمهوري امن جي حصول) ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ڪميونسٽن کي ان ڳالهہ جو قائل ڪرڻ ئي لينن جي انقلابي شڪست پسندي جو بنيادي مقصد هو.

پر جيڪڏهن ڪنهن پسماندہ ملڪ جو حڪمران طبقو ۽ رياست عوام سان بنيادي طور تي دشمنيءَ واري رويي جي باوجود ڪنهن وڏي سامراجي طاقت خلاف قومي دفاع جي جائز جنگ وڙهي رهيا هجن (جيتوڻيڪ اهو عمل صرف پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ هجي ۽ ڪنهن ٻي سامراجي طاقت جي نمائندگي يا ’پراڪسي‘ طور نہ ڪيو پيو وڃي)، جيئن اڳ ۾ بيان ڪيل ايران ۽ ايٿوپيا جي مثالن ۾ ڏٺو ويو آهي، تہ پوءِ ان ملڪ جي پورھيت طبقي ۽ عوام کي ڪهڙو عملي رستو اختيار ڪرڻ گهرجي؟
ڇا انهن کي پنهنجي انقلابي جدوجهد کان عارضي طور تي پوئتي هٽڻ گهرجي؟ ان خوف کان تہ اهو حڪومت جي جنگي ڪوششن ۾ خلل وجهي سگهي ٿو، ۽ نرميءَ ساڻ حڪمران طبقي جي اڳيان پيش ٿيڻ گهرجي؟ نہ، اهو پختي يقين ساڻ نہ ٿيڻ گهرجي. جيئن اسان اڳ ۾ واضح ڪيو آهي، سرمائيداريءَ جي نسبتاً ترقي پسند دور ۾ بہ، مارڪس ۽ اينگلز ترقي پسند ڪردار رکندڙ بورجوازيءَ پاران ڪيل قومي جنگين جي حمايت ڪرڻ جي باوجود، ڪڏهن بہ پورھيت طبقي کي بورجوازي قيادت قبول ڪرڻ، پنهنجي پروگرام، سياسي سڃاڻپ ۽ آزاد سياسي سرگرمين تي سمجهوتو ڪرڻ، يا جنگ جي وقت ۾ انقلابي جدوجهد کي ڇڏي ڏيڻ جي صلاح نہ ڏني؛ حقيقت ۾، انهن هميشہ اهڙن رجحانن جي سخت مخالفت ڪئي. تنهنڪري، سامراجي غلبي، سرمائيداريءَ جي فطري زوال ۽ تاريخي فرسودگيءَ واري هن دور ۾، شروعاتي طور تي ئي اهي امڪان انتهائي محدود آهن تہ ڪنهن پسماندہ ملڪ جو قومي بورجوا طبقو ۽ رياست، ڪنهن وڏي سامراجي طاقت خلاف سنجيدگيءَ ۽ استقامت ساڻ قومي دفاع جي جنگ آزاديءَ سان وڙهي سگهن. جيئن لينن 1920ع ۾ منعقد ٿيل ڪميونسٽ انٽرنيشنل جي ٻئي ڪانگريس ۾ وضاحت ڪئي هئي، سامراجي دور ۾ پٺتي پيل ملڪن جو قومي بورجوا طبقو سامراج خلاف وڙهڻ بدران پنهنجي نجي ملڪيت ۽ منافعي جي حفاظت خاطر ان سان سمجهوتو ڪرڻ ۽ پنهنجي ئي ملڪ جي پورھيت عوام خلاف وڙهڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. تنهن هوندي بہ، جيڪڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿئي ٿي، تہ ان پس منظر ۾ طبقاتي شعور رکندڙ پورھيتن ۽ ڪميونيسٽن کي گهرجي تہ هو بغير ڪنهن هٻڪ يا دير جي پنهنجي انقلابي جدوجهد کي، صورتحال ۽ عوامي شعور جي سطح مطابق، زوردار انداز ۾ اڳتي وڌائين، قطع نظر ان خطري جي تہ ان جي نتيجي ۾ حڪومت جي جنگي ڪوششن تي اثر پئجي سگهي ٿو يا اهي متاثر ٿي سگهن ٿيون. حقيقت ۾، حتمي تجزيي ۾، سوشلسٽ انقلاب لاءِ جدوجهد حملي آور سامراجي قوت خلاف قومي دفاع جي جنگ کي ڪمزور نہ ڪندي، بلڪہ، اها ان کي وڏي پيماني تي مضبوط ڪندي. جيڪڏهن انقلابي جدوجهد جي نتيجي ۾ هن ملڪ جو پورھيت طبقو اقتدار حاصل ڪري وٺي ۽ سرمائيداريءَ جو خاتمو آڻيندي پيداوار جي ذريعن کي پنهنجي اجتماعي ملڪيت ۽ جمهوري ڪنٽرول هيٺ آڻي، تہ پوءِ قومي دفاع جي جنگ جيڪا هاڻي پورھيتن جي انقلاب جي حفاظت جي جنگ پڻ هوندي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مؤثر انداز ۾ وڙهي سگهجي ٿي. صرف سادي منطق ئي اهو ڏيکارڻ لاءِ ڪافي آهي تہ اهو ملڪ، جتي بئنڪون، ڳريون صنعتون، بنيادي ڍانچو، معدني وسيلا ۽ وڏا زرعي فارم پورھيت عوام جي اجتماعي ملڪيت هيٺ هجن ۽ جتي پيداوار ڪنهن منصوبي تحت ٿيندي هجي اهو ملڪ پيداوار جي ذريعن جي نجي ملڪيت تي ٻڌل سماج جي ڀيٽ ۾ تمام وڏي پئماني تي جنگي پيداوار ۽ فوجي سرگرمين کي منظم ڪري سگهي ٿو. ان کانسواءِ، پورھيتن جي انقلاب جي نتيجي ۾ جڏهن اها جنگ رڳو قومي دفاع جي جدوجهد مان تبديل ٿي پاڻ انقلاب ۽ ان جي ڪاميابين جي حفاظت واري جنگ بڻجي ويندي تہ پورھيت عوام ان ۾ پنهنجي سموريءَ روحاني ۽ جسماني قوت سان وڙهندو ۽ سوڀ ماڻيندو. اهي رڳو نظرياتي خيالي تصور ناهن، تاريخ پاڻ ان جي شاهدي ڏئي ٿي روسي انقلابي گهرو ويڙهہ ۾ ”ريڊ آرمي“ جي سوڀ ۽ ٻي عالمي جنگ دوران نازي جرمنيءَ تي سوويت يونين جي ڪاميابي (اسٽالن واري دور جي بيوروڪريسيءَ جي سخت جڪڙ باوجود) کان وٺي چين، ڪوريا ۽ ويٽنام جي سوشلسٽ انقلابن ۽ انقلابي جنگين ۾ سامراج جي شڪست تائين. جيتوڻيڪ 1979ع جو ايراني انقلاب رجعت پسند ملان اشرافيہ جي قبضي هيٺ اچي چڪو هو، پر جڏهن 1980ع واري ڏهاڪي ۾ رت ڇاڻيندڙ ايران، عراق جنگ ڇڙي پئي، تہ ايران عراق کي زبردست شڪست ڏني حالانڪہ عراق کي آمريڪا سميت سمورين مغربي سامراجي طاقتن جي حمايت حاصل هئي ۽ ايران اهو ڪارنامو عوام جي انقلابي جذبي ۽ معيشت جي اهم ترين شعبن تي رياستي ملڪيت واري نظام کي ڪارڳر بڻائيندي سرانجام ڏنو.

سوشلزم لاءِ جدوجهد يا مجرد امن پسندي


جڏهن بہ دنيا جي ڪنهن بہ حصي ۾ جنگ ڇڙندي آهي، تہ مختلف حلقن مان ”امن“ لاءِ فوري مطالبن جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي. هتي اهو واضح رهي تہ اسان جو اشارو عوام جي ان فطري خواهش ڏانهن ناهي جيڪا امن لاءِ هوندي آهي ۽ جيڪو جنگ جي خوفناڪين سبب سخت پريشان هوندو آهي، بلڪہ اسان جو اشارو دانشورن، سياسي حلقن ۽ خاص طور تي کاٻي ڌر طرفان اٿاريل امن جي انهن غير عملي يا نظرياتي مطالبن ڏانهن آهي تہ پوءِ، ڇا ڪميونٽسٽ ”امن پسند“ نہ هوندا آهن؟

بيشڪ، ڪميونسٽ جنگ ۽ ٽڪراءَ جا حامي نہ هوندا آهن، پر ان باوجود اهي رڳو امن پسند بہ نہ هوندا آهن، جيئن اسان اڳ ۾ واضح ڪري چڪا آهيون، پورھيت طبقي ۽ ڪميونسٽن جو اهو فرض آهي تہ مقامي، علائقائي يا عالمي سرمائيدار طبقي پاران پورھيت انقلاب مٿان مڙهيل جنگ کي پوري شدت سان وڙهن ۽ انقلاب جو دفاع ڪن. پر ڇا رجعتي يا سامراجي جنگ جيئن تہ پهرين عالمي جنگ جي تناظر ۾ بہ امن جي ڳالهہ ڪرڻ غلط هوندو؟ هن سوال جو جواب ان ڳالهہ تي ٻڌل آهي تہ ڪهڙي قسم جي امن بابت ڳالهہ پئي ڪئي وڃي. سامراجي جنگ کان پوءِ پڪ سان امن قائم ٿي سگهي ٿو، پر اهو هڪ سامراجي امن هوندو، جيڪو علائقن تي قبضي ۽ ڦرلٽ تي ٻڌل هوندو ۽ جيڪو ناگزير طور تي هڪ نئين سامراجي جنگ لاءِ راهہ هموار ڪندو. ڪميونسٽ اهڙي نام نهاد سامراجي امن کي رد ڪن ٿا ۽ ان بابت ڪا بہ خام خيالي نٿا رکن. تنهن هوندي بہ، ڪا رجعت پسند يا سامراجي جنگ حقيقت ۾ هڪ اهڙي جمهوري امن تي ختم ٿي سگهي ٿي جيڪو عوام جي مفادن جي ترجماني ڪري؛ پر ان لاءِ ضروري آهي تہ جنگ ۾ شامل قومن جا پورھيت طبقا پنهنجي پنهنجي ملڪ جي سرمائيدار طبقي ۽ رياست خلاف پنهنجي انقلابي جدوجهد کي تيز ڪن، ۽ آخرڪار اقتدار حاصل ڪن يا گهٽ ۾ گهٽ هڪ اهڙي طاقتور عوامي تحريڪ شروع ڪن جيڪا حڪمرانن تي زبردست دٻاءُ وجهي سگهي ۽ جمهوري امن جي حصول کي ممڪن بڻائي سگهي. هي اهو امن آهي جنهن جي ڪميونسٽ حمايت ڪن ٿا ۽ جنهن لاءِ جدوجهد ڪن ٿا. مسئلو تڏهن پيدا ٿيندو آهي جڏهن نام نهاد ”کاٻي ڌر“ ڪنهن رجعتي يا سامراجي جنگ دوران، رڳو نظرياتي يا غير حقيقي سطح تي امن پسنديءَ جا نعرا هڻڻ شروع ڪري ٿي. سوشلسٽ جدوجهد، سماج جي انقلابي تبديلي يا عوامي تحريڪن جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ، صرف ”امن“ جو نعرو لڳاتار هڻڻ جو مطلب اهو آهي تہ اهي حضرات اصل ۾ امن جي اها التجا انهن ئي حڪمرانن ۽ رياستن کان ڪري رهيا آهن، جن پنهنجي طبقاتي مفادن جي پورائي لاءِ جنگ شروع ڪئي هئي. ستم ظريفي اها آهي تہ جنگ ۾ رُڌل سڀ سرمائيدار حڪمران ۽ رياستون، پاڻ کي ”امن پسند“ ظاهر ڪندي، جنگ جو الزام سدائين پنهنجي مخالفن تي مڙهن ٿيون. حڪمرانن ۽ رياست کان امن لاءِ ڪيل اهڙيون اپيلون نہ رڳو ان غلط فهميءَ کي هٿي ڏين ٿيون تہ عوام دوست ۽ جمهوري امن ردعملي ۽ سامراجي بنيادن تي حاصل ڪري سگهجي ٿو، پر ان سان گڏ اهو تاثر بہ ڏين ٿيون تہ سرمائيداراڻي نظام اندر پائيدار امن ممڪن آهي ۽ حڪمران طبقو پاڻ خلوصِ نيت سان امن جو خواهشمند آهي.

ان کان سواءِ، امن لاءِ اهڙيون اپيلون پورھيت عوام کي سياسي طور تي غير فعال بڻائين ٿيون ۽ امن بابت سندن اميدن کي غلط طور تي حڪمران طبقي سان ڳنڍين ٿيون، نتيجي طور، اهي حڪمرانن ۽ رياست جي ڳجهي سفارتڪاريءَ توڙي سامراجي معاهدن جا يرغمال بڻجي پون ٿا. يقيناً، ڪميونسٽ پڻ ڪنهن ردعملي يا سامراجي جنگ جي صورت ۾ فوري جنگ بندي ۽ امن جا خواهشمند هوندا آهن ۽ اهي حڪمران طبقي توڙي رياست کان امن جو مطالبو ڪندا آهن؛ تنهن هوندي بہ، ائين ڪرڻ دوران اُهي نہ تہ حڪمرانن جي جنگي عزائم يا انهن جي پويان لڪل سرمائيدار طبقي جي مفادن تي پردو وجهندا آهن، ۽ نُہ وري عوام کي ان ڳالهہ جو يقين ڏياري گمراهہ ڪندا آهن تہ سرمائيداراڻي ۽ سامراجي بنيادن تي جمهوري ۽ پائيدار امن جو قيام ممڪن آهي. ڪميونسٽ مسلسل ۽ واضح طور تي پورھيت طبقي ۽ عوام کي اها ڳالهہ سمجهائين ٿا تہ هڪ جمهوري ۽ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ عالمي سوشلسٽ انقلاب ذريعي سڄي دنيا مان سرمائيداراڻي نظام ۽ رياست جو خاتمو ڪرڻ ضروري آهي، ان مقصد لاءِ، جنگي ماحول ۾ بہ، اهي پورھيت طبقي کي منظم ڪرڻ ۽ کين ڪميونسٽ نظريي کان آگاهہ ڪرڻ واري جدوجهد لاءِ پرعزم رهن ٿا. امن لاءِ ڪميونسٽ عزم جي اها ئي حقيقي نوعيت آهي. جنگ و جدل کان انسانيت جي حتمي آزادي حاصل ڪرڻ جو اهو ئي واحد رستو آهي.